ديوان گوبند بخش

ديوان گوبند بخش: ديوان گوبند بخش 1850ع ڌاري ڄائو. هيءُ ٽالپرن جي دور جي نامور شاعر منشي صاحب راءِ ’آزاد‘ جو ننڍو پٽ هو. مئٽرڪ پاس ڪري ڪوٽڙيءَ جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ وڪالت جو امتحان پاس ڪري، سکر ۾ پرئڪٽس شروع ڪيائين ۽ قابل وڪيل ثابت ٿيو. ديوان گوبند بخش پهريون سنڌي آهي، جيڪو آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي قيام بعد، ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ گوشه نشين ٿيو ۽ فقيرن سان محبت رکيائين. ديوان 1892ع ۾ 42 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن کي هڪ فرزند هو، جنهن جو نالو لوڪومل هو. لوڪو مل پاڪستان ٺهڻ تائين سنڌ جي مشهور ماڻهن مان هڪ هو ۽ وٽس قلمي ڪتابن ۽ نادر شين جو وڏو ذخيرو هوندو هو.


لفظ ديوان گوبند بخشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو